ٺٽو(ڊ ر) مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني جي گاڏي مٿان ٺٽي شھر جي مين اسٽاپ تي ٽماٽا ۽ بيضا هڻڻ تي پوليسٺٽي ٿاڻي تي ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ، ستاف اڳواڻ حيدر شورو سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ٻن ايس ٽي پي اڳواڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ٺٽي ٿاڻي تي پوليس پاران سرڪاري مدعيت هيٺ قلم 253، ڊيوٽي اٽڪاء ۽ قلم 341، 51،500،504 ۽ 186 پي پي سي تحت رستا روڪ ڪرڻ جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ سيد جلال شاھ، حيدر شورو، حڪيم بروهي ۽ جاويد جانوري ۽ چئن نامعلوم ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آھي. پوليس ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ ۽ مڪلي جي ڪارڪن جمال تارو کي گرفتار ڪري ورتو.ٻئي طرف گرفتار ايس ٽي پي ضلعي ٺٽي جي صدر جلال شاھ کي ٺٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت سندس ضمانت منظور ڪندي کيس ضمانت تي ازاد ڪري ڇڏيو.