لاهور(امداد سومرو) سنڌ ۾ ڪئنالن وارو مسئلو شدت اختيار ڪري ويوآهي ۽ جهڙوڪ بارود جي ڍير تي ويٺا آهيون ۽ هلڪو شعلو سڀ رک ڪري ڇڏيندو، پر مسئلو حل ڪرڻ واري ڌرين کي ڄڻ ته ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. احتجاج، مظاهري ۽ هڙتال بعد پنجاب، ڪي پي ۽ سرحد ڏانهن ويندڙ رستن کي ڌرڻا هڻي بند ڪيو ويوآهي،قومپرست تنظيم جي سڏ تيگزريل ڏينهن سنڌ ۾ ڪامياب هڙتال به ٿي اها پر امن تحريڪ ڪهڙو رخ وٺندي يا حل ڪهڙو نڪرندو خبر ناهي ڇو ته حل اقتدار ۾ ويٺل ڌريون ڪڍي سگهن ٿيون جيڪي يا ته ان کي سمجهن نه ٿيون يا سمجهڻ نه ٿيون گهرن.سنڌ ۾ پر امن تحريڪ آهي جنهن ۾ بظاهر ته ڪينال معاملي تي مشاورتي ڪميٽي جڙيل آهي پر ان تحريڪ کي ڪوئي ائين ليڊ نه پيو ڪري جيئن اينٽي ٿل ڪينال تحريڪ کي. ڪا به ڌر احتجاج جو سڏ ڏئي ٿي ۽ پوري سنڌ ان سان گڏ بغير ڪنهن فرق جي بيهي رهي ٿي.سنڌ ۾ وڪيل تحريڪ کي عامر وڙائچ ليڊ پيو ڪري ۽ ان کان اڳ سگهارو آواز به پنجابي ماهر حسن عباس جو آيو .سو اها تحريڪ بغير رنگ نسل جي هلي رهي آهي. مسلم ليگ سنڌ جي سينئر اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هو ٻن ٽن مهينن کان قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ته معاملو خراب ٿي رهيوآهي ان کي حل ڪريو.سو ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود مسلم ليگ پنجاب جي قيادت مسئلي جي حل طرف ڇو نه ٿي وڃي اهو سوال آهي. ٻئي پاسي گزريل ڏينهن ڌرڻي وارن مطابق مٿن ڪاري ويگو منجهان انهن تي فائرنگ ڪئي وئي آهي اگر اهڙي ڪا صورتحال پيدا ٿئي ته پوءِ ڇڪتاڻ تمام وڌي ويندي.هاڻي وڪيلن جي تحريڪ ٽرينن ۽ ايئرپورٽ کي بند ڪرڻ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ سنڌ سرڪار چئي ڇڏيو آهي ته اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون.