ڪيٿولڪ مسيحين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس لاڏاڻو ڪري ويو

روم(ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ مسيحين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس اٺاسي ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ويو آهي.

ويٽيڪن سٽي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پوپ فرانسس خورخي ماريو برگوليو جي اٺاسي سالن جي عمر ۾ لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي.

پوپ فرانسس رومن ڪيٿولڪ چرچ جو پهريون لاطيني آمريڪي اڳواڻ هو ۽ ڊگهي عرصي تائين بيمار رهڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي صحتياب ٿي اسپتال مان گهر نڪري آيو هو. پوپ فرانسس آچر جي ڏينهن ايسٽر جي موقعي تي ماڻهن سان ملاقاتون به ڪيون.

ياد رهي ته پوپ فرانسس جو نالو خورخي ماريوبر گوليو هو ۽ هن ٻه هزار تيرهن ۾ پوپ بينڊڪٽ جي استعيفيٰ کانپوءِ پوپ جو عهدو سنڀاليو هو. پوپ فرانسس انکان اڳ ارجنٽينا جي گادي واري هنڌ بيونس آئرس جو آرچ بشپ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.