مينهن پوڻ ڪري صورتحال ۾ بهتري جي دعويٰ، ارسا صوبن جو پاڻي وڌائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ملڪ ۾ تازن مينهن جي ڪري پاڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ ارسا صوبن کي پاڻي جي فراهمي وڌائي ڇڏي آهي.

ارسا ترجمان چيو آهي ته پنجاب کي ٽيويهه هزار اٺ سئو کان وڌائي پاڻي جي فراهمي چوهٺ هزار اٺ سئو ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڏهه هزار ڪيوسڪ وڌائي سنڌ جو حصو پنجيتاليهه هزار ڪيو ويو آهي.

ارسا ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان کي پاڻي جي فراهمي پنج سئو ۽ ڪي پي ڪي کي اڻويهه سئو ڪيوسڪ جڏهن ته خريف جي لاءِ پاڻي جي کوٽ جي اندازو ٽيتاليهه سيڪڙو کان گهٽ ٿي ستاويهه سيڪڙو تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.