آءِ سي سي وومينز ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پاڪستان ٽيم ناقابلِ شڪست، بنگلاديش کي به گهمائي لاٿو

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ ڪواليفائر جي آخري ميچ ۾ پاڪستان وومين ٽيم بنگلاديش کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
بنگلاديش وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان ريتو موني 48 ۽ فهيمه خاتون 44 رنسن سان نمايان رهيون.
پاڪستان وومين ٽيم طرفان سعديه اقبال 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته فاطمه ثناءَ ۽ ڊيانا بيگ 2،2 وڪيٽون وٺي اهم ڪردار ادا ڪيو.
پاڪستان وومين ٽيم 179 رنسن جو هدف 40 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
بيٽر منيبه علي 69 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهي، جڏهن ته آل رائونڊر عاليا رياض 52 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.
ياد رهي ته پاڪستان وومين ٽيم اڳواٽ ئي آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي، جڏهن ته قومي ٽيم ڪواليفائر مقابلن ۾ لڳاتار پنج ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي ناقابل شڪست رهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي وومينز ورلڊڪپ هلندڙ سال ڀارت ۾ کيڏو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.