” معذرت هي سڀ ڪوڙ آهي“ پريتي زنٽا جي رشڀ پنت بابت بيان تي وضاحت جاري

ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي فرنچائز پنجاب ڪنگز جي شريڪ مالڪ ۽ بالي ووڊ اداڪارا پريتي زنٽا، ڪرڪيٽر رشڀ پنت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ پنهنجي مبينا بيان جي ترديد ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ لکنئو سپر جائنٽس جي ڪپتان رشڀ پنت پنهنجي هڪ انٽرويوءَ دوران چيو هو ته ”آءِ پي ايل جي هر فرنچائز لاءِ کيڏي سگهان ٿو ته پر پنجاب ڪنگز ڏانهن نه کيڏندس.“
ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پريتي زنٽا سان منسوب هڪ بيان گردش ڪري رهيو جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته ” پنجاب ڪنگز جي ڊرافٽ دوران اسان وٽ رشڀ پنت ۽ شرياس اَئير کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪرڻ جو اختيار هو، پر اسان وڏي نالي بدران بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ کي چونڊيو.“
هاڻي پريتي زنٽا سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ايڪس“تي رد عمل ڏيندي چيو ته ” معذرت…! هي بيان ڪوڙو آهي.“
ٻئي پاسي، شرياس اَئير جي قيادت هيٺ پنجاب ڪنگز آءِ پي ايل جي شروعاتي ستن ميچن مان 5 کٽي چڪي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن تي موجود آهي.
ياد رهي ته لکنئو سپر جائنٽس رشڀ پنت کي 27 ڪروڙ رپين جي رڪارڊ قيمت ۾ پنهنجي اسڪواڊ جو حصو بڻايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.