سخت گرمي جي لهر ۽ هيٽ ويو، موسميات کاتي ڪراچي واسين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ سخت گرمي جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته سڀاڻي کان سامونڊي هوائون بند رهنديون ۽ پارو 40 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
موسميات کاتي سڀاڻي کان شهر ۾ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 23 اپريل تائين پارو 40 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو.
شهر ۾ سڀاڻي کان سامونڊي هوائون بند رهنديون ۽ 20 کان 23 اپريل تائين ڏينهن سان گڏ راتيون به گرم رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.