ڪئنالن وارو معاملو پ پ سان گڏجي حل ڪنداسين: راڻا ثناءُ الله

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پ پ سان ويهي ڪئنالن وارو معاملو حل ڪيو ويندو، سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به استعمال نه ڪنداسين.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله خان خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏجي مسئلو حل ڪنداسين.
هن واضح ڪندي چيو ته پوري سنڌ کي پَڪ ڏيارڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به استعمال نه ڪيو ويندو .
واضح رهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪئنالن واري معاملي تي وفاقي حڪومت ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي.
گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ جلسي دوران بلاول ڀٽو چيو ته اسان شهباز شريف کي ٻه ڀيرا وزيراعظم بڻايو، پر پاڻي جي ورهاست جو مسئلو وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته اسلام آباد وارا انڌا ۽ ٻوڙا آهن، شينهن وارن جا سڀ منصوبا آبادگار دشمن آهن، جڏهن ته ٻن ڪئنالن جي منظوري تحريڪ انصاف جي دور ۾ ڏني وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.