فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ڪاروباري ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جو فرض آهي.
فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته سڄي ملڪ ۾ پرڏيهي فوڊ چين تي حملن جا واقعا ٿيا، پنجاب ۾ فوڊ چين تي حملن تي 12 ايف آءِ آرز داخل ٿيون ۽ 142 ڄڻا گرفتار ٿيا، اسلام آباد ۾ ٻه واقعا ٿيا ۽ 15 ڄڻا گرفتار ٿيا.
هن چيو ته حملي آورن کي سختي سان منهن ڏينداسين، پاڪستان جي سڀني سياسي جماعتن انهن واقعن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، گرفتار ماڻهو پنهنجي عمل تي شرمنده آهن.
You might also like