لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي هڪ فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته ٻي شادي ڪرڻ باوجود به ماءُ ئي ٻار جي سرپرستي جي حقدار آهي.
جسٽس احسن رضا ڪاظمي نازيا بي بي جي درخواست تي چئن صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو،
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن جي حوالي جي ڪيسن ۾ سڀ کان اهم نقطو ٻارن جي بهتري هئڻ گهرجي ۽ عام طور تي ماءُ کي ئي ٻارن جي سنڀال جو حق حاصل آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته جيتوڻيڪ ماءُ ٻي شادي ڪري ٿي ته اهو حق ختم ٿي سگهي ٿو، پر اهو قطعي اصول ناهي ته ماءُ فقط ٻي شادي جي ڪري پنهنجن ٻارن کان محروم ٿي ويندي.
عدالتي فيصلي موجب، غير معمولي صورتحال ۾ عدالت ماءُ جي ٻي شادي جي باوجود به ٻار جي بهتر مستقبل لاءِ کيس ئي ٻار حوالي ڪري سگهي ٿي.
فيصلي موجب، موجوده ڪيس ۾ ٻار شروع کان ماءُ وٽ آهي، رڳو ٻي شادي جي بنياد تي ماءُ کان ٻار وٺڻ صحيح ناهي، اهڙي سخت فيصلي سان ٻار جي ذهن تي برو اثر پئجي سگهي ٿو.
عدالت نشاندهي ڪئي ته هن ڪيس ۾ ماءُ ۽ پيءُ جي عليحدگي 2016 ۾ ٿي، جڏهن ته پيءُ 2022 ۾ ٻار جي حوالگي لاءِ دعويٰ داخل ڪئي، پيءُ اِها به وضاحت نه ڪري سگهيو ته ڇهن سالن تائين دعويٰ ڇو نه ڪئي، عدالت چيو ته پيءُ شايد خرچ دعويٰ ۾ ناڪامي جي ڊپ سبب ٻار جي حوالگي لاءِ درخواست ڏني.
هاءِ ڪورٽ آخر ۾ چيو ته ٽرائل ڪورٽ اهم نڪتن تي غور کانسواءِ فيصلو ڏنو، تنهنڪري ٻار جي حوالگي وارو فيصلو رد ڪيو وڃي ٿو.
You might also like