حيدرآباد: حيدرآباد جي هٽڙي باءِ پاس تي جلسي گاھه جو اسٽيج هڪ سئو فوٽ ڊگهو ۽ ويڪرو تيار ڪيو ويو ھو. جڏھن ته پ پ اڳواڻن دعوي ڪئي ته جلسي ۾ عوام جي ويھڻ لاءِ 70 هزار ڪرسيون لڳايون ويون آهن. جلسي جي جاءِ تي عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ داخلا پوائنٽس، پاڻي، طبي امداد ۽ ٻيون سهولتون به مهيا ڪيون ويون.