ڏسان ته شهباز شريف ڪيئن ٿو قومي اسيمبلي اچي: عمر ايوب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته محسن نقوي کي مان قومي اسيمبلي ۾ ويهڻ نه ڏنو، ڏسان ٿو ته شهباز شريف ڪيئن ٿو قومي اسيمبلي اچي.
راولپنڊي ۾ پوليس طرفان حراست ۾ وٺڻ ۽ قيدي وين ۾ ويهارڻ کان اڳ گفتگو ڪندي عمر ايوب چيو ته ڏسي ڇڏيو اپوزيشن ليڊر کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته آءِ جي پنجاب هڪ ڪرپٽ انسان آهي، هي ڪهڙو قانون آهي، رول آف لا هوندو آهي، اسان جي ابن ڏاڏن هن قوم لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.