دستور مان ”اقليت“ جو لفظ ختم ڪيو وڃي: مفتي منيب الرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري عالم مفتي منيب الرحمان چيو آهي ته دستور مان اقليت جو لفظ ختم ڪيو وڃي.
ڪراچي ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مفتي منيب الرحمان چيو ته اقليت لفظ سان محروجي جو احساس پيدا ٿيندو آهي، مسلم پاڪستاني ۽ غير مسلم پاڪستاني هجڻ گهرجي.
هن چيو ته ان سان هر هڪ لاءِ اونرشپ جو احساس پيدا ٿيندو، پاڪستان ۾ غير مسلمن کي جيترا حق حاصل آهن، ايترا دنيا ۾ ڪٿي به ناهن.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ 20 ڪروڙ مسلمان آهن، هڪ به مخصوص سيٽ ناهي، 40 لک مسلمان آمريڪا ۾ آهن، ڪا مخصوص سيٽ ناهي، برطانيا ۽ يورپ ۾ به مسلمانن لاءِ مخصوص سيٽ ناهي.
مفتي منيب الرحمان وڌيڪ چيو ته بنا ڪنهن ثبوت جي مذهب جي جبري تبديلي جو الزام هنيو ويندو آهي، جيڪڏهن جبري تبديلي جو ثبوت هجي ته متاثر ڌر جو ساٿ ڏيندس، ڪو اسلام قبول ڪرڻ ايندو آهي ته اسان اڳ ۾ ميجسٽريٽ وٽ موڪليندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.