ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 4 خارجي مارجي ويا، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ۾ 4 خارجي ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب خارجين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سپاهي باسط صديقي شهيد ٿي ويو، جنهن جو واسطو اٽڪ سان هو.
آپريشن مڊي جي علائقي ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٺڪاڻي تي اثرائتي ڪارروائي ڪئي، مارجي ويل خارجين جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل خارجي علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.