ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو اميد ته وزيراعظم جلد ڪينال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته ايٽمي طاقت هجڻ سبب پاڪستان دشمن ملڪن جي اک ۾ ڪنڊو آهي، جيڪڏهن فوج ڪمزور ٿي ته پاڪستان جو حال ليبيا ۽ عراق جهڙو هوندو.
هن چيو ته ڪينالن جو معاملو تمام حساس آهي، نٿا چاهيون ته اسان جي ڪنهن فيصلي سان حڪومت ۽ پاڪستان ڪمزور ٿئي، اميد ته وزيراعظم جلد ڪينال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندو.
ڪينالن جو مسئلو حساس آهي، نٿا چاهيون ته اسان جي ڪنهن فيصلي سان ملڪ ڪمزور ٿئي: ناصر شاهه
You might also like