سري ديوي جو موت ڪيئن ٿيو؟ بوني ڪپور ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سرڳواسي اداڪارا سري ديوي جي مڙس ۽ مشهور فلمساز بوني ڪپور پنجن سالن کانپوءِ پنهنجي زال جي اوچتي موت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بوني ڪپور هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته سري ديوي کي گھڻي وقت کان لوڊ بلڊ پريشر جي شڪايت هئي ۽ هوءَ پنهنجي خوبصورتي برقرار رکڻ لاءِ سخت ڊائٽنگ ڪندي هئي.
سندس چوڻ هو ته هوءَ اڪثر بنا لوڻ جي کاڌو کائيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بُک تي رهندي هئي، جنهن سبب ڪيترا ڀيرا بيهوش پڻ ٿي ويندي هئي.
بوني موجب، سري ديوي جي حد کان وڌيڪ ڊائٽ ۽ بار بار بيهوش ٿيڻ واري عادت ئي سندس اوچتي موت جو ڪارڻ بڻي.
هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر به کيس سخت ڊائٽ کان روڪيندا هئا، پر هوءَ نه مڙندي هئي ۽ سندس مشورا نظرانداز ڪري ڇڏيندي هئي جيڪي سندس لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيا.
سري ديوي جي موت کانپوءِ، بوني ڪپور ٻڌايو ته دبئي پوليس کيس 24 کان 48 ڪلاڪ حراست ۾ رکيو ۽ پاڇا ڳاڇا ڪئي.
هدايتڪار موجب، حراست دوران کيس ڪوڙ پڪڙڻ واري مشين (لائي ڊيڪٽر ٽيسٽ) ذريعي به پرکيو ويو، پر پوءِ پوليس سردي ديويءَ جي موت هڪ حادثو قرار ڏيندي بوني ڪپور کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي.
اداڪار ناگرجنا به ان حوالي سان هڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته سري ديوي هڪ فلم جي شوٽنگ دوران واش روم ۾ ڪري پئي هئي، جنهن سبب سندس ڏند به ڀڄي پيا هئا ۽ اهو به سندس ڊائٽنگ جو نتيجو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.