آمريڪي جج جو ٽرمپ انتظاميا خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي جو اشارو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي وفاقي جج چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا خلاف عدالتي حڪم جي ڄاڻي واڻي ڀڃڪڙي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.
اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن عدالت حڪم جاري ڪيو هو ته 200 کان وڌيڪ ماڻهن کي ال سلواڊور واپس موڪليندڙ اڏامن کي روڪيو وڃي پر ٽرمپ انتظاميا ان حڪم کي نظرانداز ڪندي ڊيپورٽيشن جاري رکي.
ٽرمپ انتظاميا ان لاءِ 227 سال پراڻي هڪ قانون جو سهارو ورتو هو، جيڪو اصل ۾ جنگي حالتن ۾ آمريڪا کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو.
جج جيمز بوس برگ پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته عدالت اهو نتيجو تڪڙ ۾ نه ڪڍيو پر ان ڌرين کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جا ڪيترائي موقعا فراهم ڪيا، انهن جا جواب اطمينان جوڳا نه هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.