نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ مودي سرڪار جي وقف ملڪيتن بابت نئين قانون تي عملدرآمد لاءِ بورڊ ۾ نين مقررين خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب مودي حڪومت قانون ۾ ترميم ڪري وقف بورڊ ۾ مقررين جي طريقي ڪار ۾ تبديلي ڪئي هئي.
ترميم کانپوءِ ڪنهن به غير مسلم شخص کي وقف بورڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر بڻائي سگهجي ٿو ۽ گهٽ کان گهٽ ٻه غير مسلم ميمبر به شامل ڪري سگهجن ٿا.
ان کانسواءِ ان ترميم کانپوءِ ضلعي ڪليڪٽر کي اهو اختيار حاصل هوندو ته هو تڪراري وقف ملڪيتن تي فيصلو ڏئي سگهي.
وقف بورڊ ۾ مقررين جي ان طريقي ڪار خلاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ويو هو، جنهن تي اڄ منع نامو جاري ڪيو ويو.
ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ججن حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين وقف بورڊ ۾ ڪا مقرري نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي ضلعي ڪليڪٽر وقف زمينن جي حيثيت کي تبديل ڪن.
عدالت مرڪزي حڪومت کي حڪم ڏنو ته هڪ هفتي ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرايو وڃي، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 5 مئي تي ٿيندي.
You might also like