ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي ۽ شهيد بينظير آباد ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هوا ۾ گهم جي شرح معمول کان وڌيڪ هجڻ سبب گرم موسم برقرار آهي ۽ شهر ۾ اڄ گرمي پد 37.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ معمول کان تيز هوائون گهلڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻهراڙين ۾ سخت گرمي رهندي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته شهيد بينظير آباد ۾ خميس ڏينهن گرمي پد 8.4 ڊگري واڌ سان 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو.
You might also like