ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي شهر ۾ ٽريفڪ حادثن تي ضابطي لاءِ قلم 144 تحت صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي.
ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي شهر ۾ قلم 144 تحت هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي ٻن مهينن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قلم 144 تحت صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي هوندي ۽ اها پابندي مال بردار گاڏين تي به لاڳو ٿيندي.
هيوي ٽريفڪ کي سپر هاءِ وي کان نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا رستي سلپ روڊ هلڻ جي اجازت هوندي، اهڙي ريت نيشنل هاءِ وي کان گودام چورنگي رستي منظر پيٽرول پمپ، يونس چورنگي، دائود چورنگي کان ڄام صادق تائين هلڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته ناردرن باءِ پاس کان پراچا چوڪ، اسٽيٽ اوينيو، سيمنز چورنگي کان گلبائي ماڙي پور تي هيوي ٽريفڪ کي اچ وڃ جي اجازت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.