ڪراچي ۾ نوجوانن جي ڀائيواري سان پرامن ۽ مضبوط معاشري لاءِ ٽن ڏينهن جو ورڪشاپ شروع

ڪراچي ۾ ”نوجوانن جي ڀائيواري سان پرامن ۽ مضبوط معاشري جي جوڙجڪ“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن جو تربيتي ورڪشاپ شروع ٿي ويو آهي، اهو ورڪشاپ پيس اينڊ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ 17 کان 19 اپريل تائين جاري رهندو.
ورڪشاپ کي يورپي يونين جي مالي مدد حاصل آهي ۽ ان کي نيڪٽا (نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي) ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ اداري (يو اين او ڊي سي) جي ڀائيواري سان منعقد ڪيو پيو وڃي.
ورڪشاپ جي پهرئين ڏينهن مختلف موضوعن تي ڀرپور ۽ معلوماتي سيشنز منعقد ڪيا ويا، جنهن جو مقصد نوجوانن کي قيادت، شموليت ۽ سماجي هم آهنگي جي اصولن کان آگاهه ڪرڻ هو.
پروگرام جي شروعات رشاد بخاري جي قيادت هيٺ تعارفي سيشن سان ٿي، جنهن کانپوءِ هن پرامن معاشري ۽ شموليت لاءِ نوجوانن جي مختلف شعبن ۾ ڀائيواري تي هڪ ٻي اهم ويهڪ ۾ شرڪت ڪندڙن سان گفتگو ڪئي.
ثمينه قريشي ”قيادت جي طاقت – دي پاور آف ون“ جي عنوان سان هڪ متحرڪ سيشن ورتو، جنهن ۾ نوجوانن کي انفرادي سطح تي سماجي تبديلي جو محرڪ بڻجڻ لاءِ حوصلو ڏنو ويو.
رشاد بخاري گهڻ رخن معاملن ۽ سماجي هم آهنگي کي سمجهڻ تي هڪ اهم سيشن ورتو.
ورڪشاپ جو پهريون ڏينهن ڊاڪٽر امتياز احمد جي سيشن ”انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪميونٽي جي لچڪ (سبب ۽ طريقيڪار)“ تي پڄاڻي تي پهتو.
ان ورڪشاپ جو مقصد نوجوانن کي قيادت جا اثرائتا اوزار فراهم ڪرڻ ۽ کين پرامن، گهڻ رخي ۽ گڏيل معاشري جي جوڙجڪ لاءِ متحرڪ ڪرڻ آهي.
ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سيشنز ۽ سرگرمين ذريعي شرڪت ڪندڙن جي تربيت کي وڌيڪ هٿي ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.