ڪينبرا(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ ٿيل جونيئر اوپن اسڪواش ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي چئن رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتا.
گرلس انڊر 13 ۽ انڊر 17 جا ٽائيٽل ٻن ڀينرن، ماهنور ۽ مهوش علي جي نالي رهيا، انڊر 13 جي فائنل ۾ ماهنور علي ريو ڪوابتا کي سڌيءَ ريت 11-2، 11-5 ۽ 11-6 تان شڪست ڏني.
ماهنور علي جي وڏي ڀيڻ مهوش علي انڊر 17 جو فائنل ايڊين ايلما جو خلاف 11-5، 11-5 ۽ 11-7 تان
کٽي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
گرلس انڊر 15 جي فائنل ۾ سندن ٽِين ڀيڻ سحرش سخت مقابلي کانپوءِ شڪست کاڌي.
بوائز انڊر 17 جي مقابلي ۾ پاڪستان جي اذان علي خان هينري ڪراس کي سڌيءَ ريت 3-0 تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو، جڏهن ته بوائز انڊر 11 جي فائنل ۾ پاڪستاني رانديگر احمد علي ناز فريڊي گولڊ سمٿ کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.
You might also like