سنڌ ۾ موتمار دماغي مليريا جو ڪيس به سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ هن سال دماغي مليريا جو ڪيس به سامهون آيو آهي.
صحت کاتي جي اختيارين موجب حيدرآباد واسي دماغي مليريا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال ۾ داخل آهي، اهو مليريا جو هڪ خطرناڪ قسم آهي، جنهن سان جراثيم دماغ جي رڳن ۾ سوڄ پيدا ڪندا آهن ۽ وقت سر علاج نه ٿيڻ تي مريض موت جي منهن ۾ به وڃي سگهي ٿو.
اختيارين ٻڌايو ته پهرين جنوري کان 16 اپريل تائين سنڌ ۾ مليريا جا 20 هزار 57 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.
ان عرصي دوران ڪراچي ۾ 201 ڪيس، حيدرآباد ڊويزن ۾ 7 هزار 702، سکر ۾ 1835، لاڙڪاڻي ۾ 6499، ميرپورخاص ۾ 1398 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 2422 ڪيس رپورٽ ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.