فواد جي 9 سالن بعد بالي ووڊ ۾ واپسي، فلم جو ڪيترو معاوضو ورتائين؟ تفصيل پڌرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار فواد خان اٽڪل 9 ورهين کانپوءِ فلم ’عبير گلال‘ ذريعي ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
’عبير گلال‘ جو پهريون گيت خدايا عشق‘ تازو ئي جاري ڪيو ويو آهي، فلم ۾ فواد سان گڏ اداڪارا واني ڪپور پڻ مُک ڪردار ۾ نظر ايندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فواد خان کي فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو معاوضو 5 کان 10 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ٽي وي ڊرامن جي هڪ قسط لاءِ کيس 15 کان 20 لک رپيا معاوضو ملندو آهي.
رپورٽ موجب، فلم ۾ واني ڪپور کي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنا ويا آهن.
’عبير گلال‘ جي هدايتڪاري آرتي ايس بگدي آهي ۽ شوٽنگ لنڊن ۾ ٿي آهي، جيڪا 9 مئي 2025 تي رليز ڪئي ويندي.
فواد خان 2014ع ۾ فلم ’خوبصورت‘ سان بالي ووڊ ۾ ڊيبيو ڪيو هو، جنهن ۾ هن سونم ڪپور سان گڏ ڪم ڪيو ۽ فلم فيئر ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو.
ان کان پوءِ هو ’اي دل هي مشڪل‘ ۽ ’ڪپور اينڊ سنز‘ جهڙين فلمن ۾ به نظر آيو.
واضح رهي ته فواد خان آخري ڀيرو 2016ع ۾ رليز ٿيل فلم ’ڪپور اينڊ سنز‘ ۾ نظر آيو هو، جنهن کان پوءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي سياسي تڪرارن سبب هو بالي ووڊ مان الڳ ٿي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.