اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس عقيل عباسي کي آئيني بينچ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب جڊيشل ڪميشن جي اڪثريت ٻنهي ججن جي نالن جي منظوري ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس عقيل عباسي جي نالي جي منظوري 8 ووٽن جي اڪثريت ڏني، جڏهن ته جسٽس علي باقر نجفي کي 7 ووٽ مليا.
ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر آئيني بينچن ۾ وڌيڪ ججن جي مقرري جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته بيرسٽر علي ظفر ۽ بيرسٽر گوهر به آئيني بينچن ۾ وڌيڪ ججن کي مقرر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، سندن موقف هو ته آئيني بينچن ۾ ججن جي نامزدگي لاءِ رولز ٺاهيا وڃن.
Prev Post
You might also like