ڪراچي ۾ هيلمٽ نه پائيندڙن خلاف ڪارروايون، 11هزار موٽرسائيڪلون ضبط

ڪراچي(رپورٽر) ٽريفڪ  جي قانونن جي ڀڃڪڙي خلاف سنڌ سرڪار پاران جاري ڪريڪ ڊائون ۾ ھڪ ھفتي اندر 11 ھزار 276 موٽر سائيڪلون ضبط ڪيون ويون آھن. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو آھي تھ فينسي نمبر پليٽس، ڪارن شيش ۽ گاڏين ۾ ٻين ضابطن جي خلاف تبديلين خلاف 831 ڪارروايون ڪيون ويون، ھيوي ٽرانسپورٽ وھيڪلز ۽ لائين ٽرانسپورٽ وھيڪلز جون 223 گاڏيون قبضي ۾ ورتيون ويون آھن. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ 25 گاڏين جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آھي، 174 گاڏين جي رجسٽريشن کي عارضي طور تي معطل ڪري مخصوص شرطن تي ڇڏيو ويو. ھن چيو تھ ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون بنا ڪنھن فرق جي جاري رھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.