حيدرآباد(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته موجوده وفاقي سرڪار پيپلز پارٽي جي ووٽن تي بيٺل آھي، ڪئنالن واري معاملي تي حڪومت کان ڌار ٿيڻ ۾ ھڪ منٽ به نه لڳندو پر پيپلز پارٽي سنڌو درياھ جو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل سميت سمورن آئيني فورمن تي وڙھندي. ھن چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي جيڪڏھن پيپلز پارٽي جي آئيني فورمن تي ڳالھ نه ٻڌي وئي ته پوءِ وفاقي اقتدار کان ڌار ٿيڻ ۾ دير نه ڪنداسين. ھن چيو ته سنڌ ۾ پ پ مخالف ڪئنالن واري معاملي تي پنھنجو سياسي دڪان ھلائڻ لاءِ پ پ تي اجائي تنقيد ۽ واويلا ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياھ تي وڌيڪ ڪوبه ڪئنال قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھاڻ وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جون سموريون جماعتون سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سياست کان ھٽي ڪري ڪئنالن خلاف ھڪ پيج، ھڪ پليٽ فارم، ھڪ نعري ۽ ھڪ تقرير تحت گڏجي هلن، ان لاءِ سنڌ جي سول سوسائٽي اڳيان اچي قيادت ڪري سڀني کي گڏ کڻي ھلي ۽ ڪمون شھيد وٽ سنڌ-پنجاب دنگ تي ماضي جيان موجوده وقت ۾ ڪئنالن خلاف ڌرڻو ھڻجي. ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ چاھي ته پي ٽي آءِ وارا پنھنجي مسئلي جو جواز ڄاڻائي واڪ آئوٽ ڪري ڀڄي ويا. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جڏھن سسٽم ۾ پاڻي موجود ناھي ته پوءِ ڪئنال ڪيئن ٺھي سگھن ٿا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ پاشا قاضي، سڪندر حيات راجپوت، دانيال ابڙو ۽ ٻيا موجود ھئا.17