پاڪستان جي قرض ادائيگين بابت عالمي اداري اهم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

عالمي مالياتي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ايندڙ مهينن دوران پنهنجي قرضن جي ادائيگي جو بندوبست ڪري وٺندو.
بلوم برگ تي شايع ٿيل ريسرچ نوٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت سپٽيمبر 2025 ۾ مدو پورو ڪندڙ 50 ڪروڙ ڊالرن جي بانڊ جي ادائيگي پنهنجي موجوده مٽا سٽا ناڻي جي ذخيرن مان ڪندي.
ريسرچ نوٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدي کانپوءِ پاڪستان جي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، پاڪستان کي 26 ارب ڊالرن جي ادائيگيون ڪرڻيون آهن، جن مان 16 ارب ڊالر رول اوور ڪيا ويندا، جڏهن ته بچيل 10 ارب مان گهڻي رقم اڳ ئي ادا ڪئي وئي آهي.
بلوم برگ موجب، پاڪستان ڪچي تيل جي قيمتن، درآمدي بل ۽ برآمدن مان گهٽ آمدني باوجود مٽا سٽا ناڻي جي کوٽ کي ڪجهه حد تائين پورو ڪندو.
ريسرچ نوٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته بارڪليز پاڪستان جي اوور ويٽ ريٽنگ برقرار رکندي، جڏهن ته پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ”بي مائنس“ جي سطح تي رهڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.