اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته نوَ مئي ڪيسن جو چئن مهينن اندر ٽرائل مڪمل ڪرڻ واري فيصلي ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ نوَ مئي جوابدارن جي ضمانت رد ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران نوَ مئي جي مختلف جوابدارن جي وڪيل لطيف کوسي چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ واري حڪم تي اعتراض واريندي چيو ته ڇا ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته چئن مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ٿئي؟ .
لطيف کوسي جي اعتراض تي چيف جسٽس ڇيو ته ائين نه چئ، قانون روز دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي جو چئي ٿو، ٽرائل لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۽ انتظامي جج جو معاملو آهي.
وڪيل لطيف کوسي چيو ته عدالت چئن مهينن واري حڪم سان ٽرائپ اپ سيٽ ٿيندو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ٽرائل جي نگراني نه ڪندي، چئن مهينن اندر ٽرائل مڪمل ڪرڻ جي فيصلي ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو.
”9 مئي ڪيسن جو 4 مهينن ۾ ٽرائل مڪمل ڪرڻ واري فيصلي ۾ جوابدارن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو“
You might also like