ڪئنالن ۽ معدنيات بل تي عوام ۽ ادارن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿينديون: فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خبردار ڪندي چيو آهي ته معدنيات بِل صوبي جي وسيلن تي حملو آهي، معدنيات بل وفاق جي هڪ طرفي قبضي جي ڪوشش آهي، جيڪڏهن حڪومت هوش کان ڪم نه ورتوته اسان عوام وٽ وينداسين عوام پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ميدان ۾ نڪرندو، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وفاق کي پاڻ به سوچڻ گهرجي ته آئين جي ابتڙ بِل اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪيا وڃن، معدنيات بابت قانون صوبن کان پاس ڪرايو پيو وڃي، اهڙي قانونسازي جي يو آءِ کي قبول ناهي، اسين عالمي قوتن کي پنهنجن وسيلن جا مالڪ بڻائڻ نه ڏينداسين، نه وري وفاقي حڪومت کي ان جو مالڪ ٿيڻ ڏينداسين، هڪ طريقيڪار موجود آهن، صوبي جو اختيار پنهنجي جاءِ تي برقرار آهي، جيڪڏهن ڪو ڪاروبار ڪرڻو آهي ته صوبي سان گڏجي ڪيو وڃي، وسيلا ۽ شرط صوبي جا ئي هجڻ گهرجن، اسان جا مفاد ۽ وسيلا محفوظ هجڻ گهرجن، هن واضح ڪيو ته 18 هين ترميم ۾ ڪابه تبديلي منظور ناهي، حڪومت کي گهرجي ته پنهنجي غلطيءَ تي به نظر وجهي، حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن، جن کي هاڻي جڳائڻو پوندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته حڪومت پاڪستان جي ذريعي ڪري، پر اها سيڙپڪاري صوبي جي شرطن تحت هئڻ گهرجي، اسان جا مفاد محفوظ هجڻ گهرجن ۽ اسان جا وسيلا اسان جي قبضي ۾ هجڻ گهرجن، مولانا فضل الرحمان چيو ته فاٽا جو انضمام وڏي تڪڙ ۾ ڪيو ويو، جنهن جي پويان به اسٽيبلشمينٽ هئي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پويان عالمي طاقتون هيون، جن جي دٻاءَ هيٺ اسان هي قدم کنيو ۽ نتيجي ۾ فاٽا برباد ٿي ويو، جيڪا شيءِ توهان کي وڻي، ان جي انضمام کان اڳ قانون لاڳو آهي ۽ جيڪا شيءِ نه وڻي، ان لاءِ ٻيو نظام لاڳو آهي، اهو تضاد ڇو آهي؟، مولانا فضل الرحمان افغان پناهگيرن جي واپسي بابت چيو ته هي هڪ جذباتي قسم جو فيصلو آهي،  افغانستان سان ناراضگيءَ جو بدلو اسين افغان مهاجرن کان وٺي رهيا آهيون، جنهن طريقي سان انهن کي نڪالي ڏني پئي وڃي، اها انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، انهن جي واپسي جو شيڊيول ويهي طئي ڪيو وڃي، افغانستان سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گھرجي، ڇو ته خيبرپختونخوا ۾ بدامني آهي، عالمن ۽ سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، صورتحال انتهائي خراب آهي، حڪومت جي رِٽ ختم ٿي چڪي آهي، هن چيو ته 27 اپريل تي مينارِ پاڪستان تي اسرائيل خلاف مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ فلسطيني ڀائرن سان ڀرپور ايڪي جو اظهار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.