اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلام آباد انڊس رور سسٽم اٿارٽي (ارسا) صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ بابت پنهنجي فيصلن تي مڪملاعتماد جو اظهار ڪيو آهي،ارسا جي ترجمان موجب صوبن کي پاڻي جي ورڇ بابت ارسا اٿارٽي جو اجلاس چيئرمين جي صدارت هيٺ ٿيو،اجلاس ۾ صوبن کي پاڻي جي ورڇ جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ صوبن جي لائينن جو به جائزو ورتو ويو، ترجمان وڌيڪ چيو ته اٿارٽي پاڻي جي ورڇ بابت پنهنجي سڀني فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو، ارسا اٿارٽي صوبن کي پاڻي جي ورڇ سان لاڳاپيل سڀني فيصلن سان متفق آهي ۽ سڀئي فيصلا قانون جي مطابق ڪري ٿي.