ڪامران اڪمل جا باب وولمر جي موت بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪوچ باب وولمر سان جڙيل ساروڻيون شيئر ڪيون آهن.
هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ڪامران اڪمل باب وولمر جي اوچتي لاڏاڻي کي نه رڳو پاڪستان پر سڄي ڪرڪيٽ دنيا لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو.
ڪامران اڪمل سال 2007ع کي پنهنجي ڪيريئر جو بدترين سال قرار ڏيندي چيو ته هو ان وقت بابت ڳالهائڻ ڏکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ان سال پاڪستان عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي مان ٻاهر ٿي ويو، آئرلينڊ جهڙي سيکڙاٽ ٽيم هٿان به شڪست ملي، جڏهن ته ٽيم ڪيترين ڏکيائين جو شڪار پڻ رهي.
هن ٻڌايو ته شاهد آفريدي تي ٻن ميچن جي پابندي لڳي هئي، عبدالرزاق زخمي هو ۽ شعيب اختر کي انجري سبب شامل نه ڪيو ويو.
ڪامران اڪمل موجب، ٽيم ان وقت 3 سالن جي محنت کانپوءِ تيار ٿي هئي، انضمام الحق ڪپتان هو ۽ ٽيم سٺي فارم ۾ هئي، پر باب وولمر جي لاڏاڻي سان سڀ ڪجهه بدلجي ويو.
هن چيو ته باب وولمر جهڙو سياڻو ڪوچ شايد وري ڪرڪيٽ دنيا ۾ نه اچي، هو راندين سان گڏ رانديگرن جي نفسيات کي به پرکي وٺندو هو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته ڪيترن رانديگرن سان اختلاف باوجود هن ڪڏهن به ڪنهن کي ٽيم مان ڊراپ نه ڪيو، پر هر رانديگر کان سندس صلاحيت پٽاندڙ ڪم ورتو، جيڪا سٺي ڪوچ جي نشاني آهي.
باب وولمر سان آخري ملاقات بابت ڳالهائيندي ڪامران اڪمل ٻڌايو ته ميچ دوران رڳو ” بدقمستي“وارو لفظ استعمال ٿيو،
هن اسان کي آٿت ڏني ۽ پوءِ هو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو، ٻئي ڏينهن جڏهن مان ۽ محمد حفيظ سوئمينگ پول ڀرسان ويٺا هئاسين ته ڪنهن اچي ٻڌايو ته توهان جي ڪوچ جو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اسان سُن ٿي وياسين ۽ هڪٻئي کان سوال ڪرڻ لڳاسين ته اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.