اليڪشن ڪميشن سنڌ سينيٽ جي خالي سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صوبائي اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي خالي سيٽ تي ننڍي چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب، 17 اپريل 2025 تي ريٽرننگ آفيسر پبلڪ نوٽيس جاري ڪندو، 18 ۽ 19 اپريل تي نامزدگي ڪاغذ وصول ۽ جمع ڪرايا ويندا، 20 اپريل 2025 تي اميدوارن جي شروعاتي فهرست جاري ڪئي ويندي.
اهڙي طرح 22 اپريل تي اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، 24 اپريل 2025 نامزدگي ڪاغذ بحال يا رد ٿيڻ خلاف اپيل جمع ڪرائڻ جو آخري ڏينهن هوندو ۽ 26 اپريل تي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.
شيڊيول ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 28 اپريل تائين اميدوار هٿ کڻي سگهن ٿا، جڏهن ته 6 مئي 2025 تي سينيٽ جي خالي سيٽ لاءِ پولنگ ٿيندي، جيڪا سنڌ اسيمبلي ۾ ڪئي ويندي، پولنگ صبح 9 کان شام 4 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي.
ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر ۽ پولنگ آفيسرن جي مقرري پڻ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر سينيٽ جي خالي سيٽ لاءِ ريٽرننگ آفيسر هوندو.
واضح رهي ته سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي کانپوءِ سينيٽ جي سنڌ مان جنرل سيٽ خالي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.