ڪنري ۾ سنڌو بچايو ڪانفرنس،ايندڙ وقت وڏيرن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جو ناهي:راشد محمود

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) جي يو آئي پاران ڪنري جي الله واري چوڪ تي ختم نبوت ۽ سنڌو بچايو ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي ۽ سنڌو درياھ تي تڪراري ڪئنال رٿا، ڪارپوريٽ فارمننگ، ٻيٽن، جبلن سميت معدني وسيلن تي قبضن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڪانفرنس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر راشد محمود سومرو چيو ته موجوده حڪمران جعلي ۽ فارم 47 جي پيداوار آھن آصف زرداري صوبي سنڌ، بلوچستان ۽ ايوان صدر جو سودو 280 ارب ۾ ڪيو واڳ ڌڻين کين چيو ته پئسا ڏيو نه ته مولوي ٿا اچن، مولوين جي ڊپ کان آصف زرداري سنڌ حڪومت، بلوچستان حڪومت ۽ ايوان صدر حاصل ڪيو، موجوده حڪمران ڊي آر اوز ۽ آر اوز ذريعي اليڪشن کٽي آيا آھن صاف ۽ شفاف چونڊ ٿئي ته سندن ضمانتون ضبط ٿي وينديون، ايندڙ وقت وڏيرن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جو ناهي پر غريبن، مسڪينن، هارين ۽ جي يو آئي جو آھي، هن چيو ته بلاول ڀٽو چپٽي وڄائي ۽ وفاقي حڪومت کي 24 ڪلاڪن جو الٽيمٽم ڏي ته ڪئنال معاملو ختم ڪريو نه ته اسان عدم اعتماد آڻينداسين، ائين ڪرڻ سان وزيراعظم گهر هليو ويندو پيپلز پارٽي وارا اگر مخلصي ڏيکارن ته جعلي مان اصل حڪمران ٿي ويندا شايد کيس اقتدار پيارو آھي انڪري منفاقاڻا پاليسي تي ھلي رهيا آھن، احسن اقبال جي بيان ته رد عمل ڏيندي راشد سومرو چيو ته سياسي تماشو تڏھن ٿيندو جڏھن ڪئنال ٺاھڻ وارن جون ضمانتون ضبط ٿينديون ۽ سنڌ جو عوام انھن کي رد ڪندو، احسن اقبال اڃان سياسي تماشو ڏٺو ئي ناهي، ان موقعي تي راشد محمود سومرو اين اي 213 جي ٿيندڙ ضمني چونڊ تي درياھ بچايو تحريڪ جي اميدوار لالچند مالهي جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته منھنجي جماعت لال مالهي کي ووٽ ڏيندي جنھن تي مخالف مون کي منٿون ۽ جماعت جي ماڻھن کي ڌمڪائن پيا ان کان اڳ راشد محمود سومرو ڪنري لڳ ٻسٽان ۾ لالچند مالهي سان گڏجاڻي ڪري اليڪشن صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، ڪانفرنس ۾ مولانا عيسيٰ سمون، حاجي رفيق سومرو، مولانا عادل لطيف، مولانا محمد سليم عاطف، مولانا يعقوب نعماني، مولانا نور محمد قراني، مولانا شوڪت چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته ڪانفرنس ۾ اڳوڻو صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، حاجي نثار آرائين، فقير گل حسن خاصخيلي سميت قومي ڪارڪنن، شھرين، علائقي واسين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي سمورن سودن خلاف سخت نعره هنيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.