لاهور (ويب ڊيسڪ) سخت گرمي جي لهر کي ڏسندي اسڪولن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي سڀني سرڪاري ۽ نجي اسڪولن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ٻارن ۽ استادن لاءِ صاف ۽ ٿڌي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن کي ڇانَو ۽ هوادار جاين تي پڙهايو وڃي، پکا توڙي ٻيو سامان درست حالت ۾ هجي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي چيو آهي ته منجهند جو ٻارن کي آئوٽ ڊور سرگرمين کان روڪيو وڃي ۽ عملي کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي تربيت ڏني وڃي.
You might also like