ناليواري آمريڪي پاپ اسٽار ڪيٽي پيري ۽ 5 ٻيون عورتون خلا جو چڪر لڳائڻ کانپوءِ واپس پهچي ويون.
رڳو عورتن تي ٻڌل عملي ايمازون جي مالڪ ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ جيف بيزوس جي سياحتي راڪيٽ تي سوار ٿي خلا جو چڪر لڳايو، بليو اوريجن راڪيٽ جي اڏام 11 منٽن تائين جاري رهي.
پائلٽ جي بنا راڪيٽ عملي کي زمين کان سئو ڪلو ميٽر مٿي خلا ۾ وٺي وڃي واپس لينڊ ڪيو، ٻين عورتن ۾ جيف بيزوس جي مڱيندي لارين سانچيز، صحافي گيل ڪنگ، ناسا جي اڳوڻي سائنسدان عائشه بو، شهري حقن جي ڪارڪن امند انگوين ۽ فلم پروڊيوسر ڪيريان فلين به شامل آهن.
Prev Post
You might also like