سون اگهه کي بريڪ لڳي وئي، سوين رپيا سستو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڪجهه ڏينهن کان لڳاتار واڌ کانپوءِ اڄ ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ اڄ في تولو سون 1800 رپين تائين سستو ٿي 3 لک 38 هزار 8 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون 1543 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 90 هزار 456 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون جي قيمت 18 ڊالر گهٽجڻ بعد 3 هزار 2 سئو 18 ڊالرز تي ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.