پوليس جي ڄام مهتاب ڏهر تي حملي ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر تي ٿيل حملي جي ڪيس ۾ پوليس پاران ٻن جوابدارن جي گرفتاريءَ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
پوليس موجب، ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران حملي ۾ ملوث ٻن جوابدارن محمد نواز شر ۽ اٽل شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڄام مهتاب ڏهر تي ٿيل حملي ۾ گرفتار ڪيل جوابدار ملوث آهن.
ياد رهي ته ڄام مهتاب ڏهر تي ڪجهه ڏينهن اڳ حملو ٿيو هو، جنهن خلاف پوليس طرفان ڪارروائي جاري هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.