انسانيت لڄائيندڙ واقعو، نيوسعيد آباد لڳ ٺرو پياري گونگي نينگريءَ سان ڏاڍائي

نيو سعيدآباد )رپورٽ:مشتاق راھو)  نيو سعيدآباد ويجهو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيوآهي. ڳوٺ محمد خان ماڇي ۾ گونگي ۽ ذھني معذور نينگري کي شراب پياري لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو. ذھني معذور نينگري ن  ڌيءُ الهورايو ماڇي کي مبينا طور ڪچو شراب پياري ٻن جوابدارن پاران لڄالٽ ڪئي وئي,اهڙي واقعي جو ڪيس سندس ڀاء علي ڏنو ولد الهورايو ماڇي جي فرياد تي ٻن ڄڻن نورو پٽ پھلوان ماڇي ۽ سليم پٽ ڪشمير ماڇي تي نورڪيٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو,داخل ڪرايل ڪيس ۾ فريادي ڀاء ڄاڻايو آھي ته ھڪ ھفتو اڳ آئون ۽ منھنجي زال مزدوري تان واپس اچي رھيا ھئا سين ته ڄاڻايل جوابدار بچاء بند جي پاسي ۾ منھنجي گونگي ۽ ذهني معذور ڀيڻ جا ڪپڙا لاھي زيادتي ڪري رھيا ھئا جيڪي اسان کي ڏسي فرار ٿي ويا متاثر نينگري اشارن سان ٻڌايو ته ھنن مونکي شراب پياري زنا ڪئي آھي جنھن بعد ڳوٺ جي چڱن کي چيو پر ڪا به موٽ نه ملي ته ٿاڻي تي اچي ميڊيڪل لاء ليٽر ورتو ۽ ميڊيڪل ڪرائڻ بعد نياڻي کي زال سان گڏ وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد روانو ڪري فرياد داخل ڪرائڻ آيو آھيان,پوليس پاران واقعي جو ڪيس ته داخل ڪيو ويو آهي پر اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي,وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظھار ڪندي پوليس خلاف احتجاج ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.