چمبڙ (رپورٽ: ثوبيا کوسو)سنڌو درياء تي ڇهه ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جتي سموري سنڌ سراپا احتجاج آهي اتي گلاب لغاري جا صوفي عيسيٰ فقير سنگ جا صوفي به يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي روڊن تي نڪري آيا، گلاب لغاري موڙ کان اچانڪ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي ان موقع تي پاڪستان ڪولهي اتحاد تعلقه ماتلي جو اڳواڻ هيرا لال مڪواڻا به ساٿين سميت ريلي ۾ شرڪت ڪئي، صوفي فقير هٿن ۾ يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ خلاف ڪلام ڳائي ماڻهن ۾ قومي جذبو پيدا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪندا رهيا ، اڳواڻن علي نواز نانگو، گل حسن لغاري، نظير لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو احتجاج ڪري رهيو آهي ۽ روڊن تي آهي پر سنڌ حڪومت احتجاج ڪندڙن تي ڌيان نٿي ڏي ،ڊرامي بازي ڪئي پئي وڃي.