نوشهروفيروز ۾ سنڌ سڀا پاران ڪئنالن خلاف ريلي

نوشهروفيروز(ڊ ر)نوشھرو فيروز ۾ سنڌ سڀا جي مرڪزي صدر انعام سنڌي،آرزو سنڌي، جسقم اڳواڻ خالد چنا، ڪامريڊ فري، ڪامريڊ زينب پيرزاده، رفعت سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻيء ۾ پبلڪ پارڪ کان ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويوان موقعي تي انعام سنڌي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ جو  پاڻيءَ چولستان منتقل ڪيو پيو وڃي،جتي فوجين کي ڏنل زمينن کي آباد ڪيو ويندو. اها رڳو پاڻي ڦٻائڻ جي سازش نه آهي، بلڪه سنڌ کي بنجر بڻائي زراعت کي تباه ۽ سنڌي قوم کي بدترين معاشي غلاميءَ طرف ڌڪڻ جو منصوبو آهي.سنڌ سڀا ساٿين وڌيڪ واضح ڪندي چيو ته 1945ع واري پاڻيءَ جي معاهدي مطابق سنڌ کي پنهنجو جائز پاڻي ڏيڻ بدران پنجاب زبردستي پاڻي چوري ڪري رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.