ڪراچي ( ذوالفقار راڄپر )ملڪ جي اقتصادي ماهر قيصر بنگاليءَ چيو آهي ته آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سرمائيداري نظام جو باغي آهي ۽ هو ٽيرف جي پاليسي لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، آمريڪا چين خلاف ڳري ٽيرف پالسي جي سلسلي ۾ چين کان شڪست کائيندو ۽ خود پاڻ چين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اتي پهچي ويندو ۽ هڪ ڏينهن آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جنگ به لڳندي، جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ لڳي ته پاڪستان اقتصادي طور تباهي طرف هليو ويندو، اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ هوم بيسڊ ويمن ورڪرز طرفان ” دنيا مٿان ٽرمپ جي ٽيرف پاليسي “ جي موضوع تي هڪ ليڪچرپرگرام ۾ ڪئي.قيصر بنگاليءَ چيو ته هن وقت انهن پاليسين خلاف طاقتور ملڪ ئي ٽرمپ کي جواب ڏيندا، پاڪستان ۽ ٻيا ڪمزور ملڪ آمريڪا جي شرطن تي هلندا. هن وڌيڪ چيو ته سرمائيداري نظام ٽرمپ جي ٽيرف پالسيءَ ڪري وڏي بحران جو شڪار ٿيندو ۽ ماضيءَ جي تاريخ ۾ سرمائيدار دنيا کي ڪافي بحرانن سان منهن ڏيڻو پيو آهي،هن چيو ته مان هڪ پڪو سوشلسٽ آهيان ، ان ڪري خوشي ٿيندي ته سرمائيدار نظام بحران ۾ ڦاٿل رهندو پر اها به حقيقيت آهي ته سرمائيداري نظام ان بحران مان ٻاهر نڪري ايندو،هن چيو ته پاڪستان جا حڪمران ڪمزور ٿي رهيا آهن، اهي شڪستن مٿان شڪستون کائي رهيا آهن، هر دفعي آندل سي پيڪ، نعري وانگر ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سندن ٻيا منصوبا به ناڪا ويندا، ڪوبه ملڪ هتي سيڙپڪاري ڪرڻ نه ٿو چاهي، معدنيات واري ڪانفرنس ۾ ڪمپنين جي ڊرائيورن کي سوٽ ڪوٽ پارائي ويهاريو ويو، سنڌ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف عوامي مزاحمت وڌي رهي آهي هاڻي پنجاب جا ماڻهو به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف اٿي رهيا آهن ،قيصر بنگالي چيو ته 71 جي جنگ ۽ شڪست بعد جيڪڏهن پاڪستان ۾ صنعتن کي قومي ملڪيت ۾ نه ورتو وڃي ها ته ملڪ اقتصادي طور ڪنگال ٿي وڃي ها جنرل ضياءَ جي فوجي راڄ بينڪن کي ڪنگال ڪيو ۽ صنعتن کي نجي ملڪيت ۾ ڏئي صنعتن کي بند ڪرايو ، هن چيو ته ملڪ اندر فصل لهڻ بعد ڄاڻي واڻي ڪڻڪ، اٽي ۽ چانورن بصرن جا اگهه ڪيرايا ويندا آهن، جيڪي بعد مان ٻاهران گهرايا وڃن ٿا، ڪتابن جي ڇپائي جو ڪاروبار تباهه ڪيو ويو آهي، تمام جلد ملڪ ۾ ڪڻڪ ، اٽي ، چانورن ۽ دالين جو بحران وڌي ويندو ۽ ملڪ ۾ خوراڪ جي شديد قلت پيدا ٿيندي،هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي اقتصادي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ٻاهرين طور خودمختياري اپنائي، دفاع ۽ حڪومتي خرچ اڌ تائين گهٽائڻ گهرجي، ڪڻڪ،دالين ۽ کاڌي جي تيل وارن فصلن جي اپت وڌائڻ گهرجي. ليڪچر پرگرام جا ميزبان ناصر منصور ۽ ڪامريڊ زهره هئا.