ميرپورخاص ۾ ڪئنالن خلاف جسقم جو مظاهرو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف اسٽيشن چوڪ کان ميرپورخاص پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻننور محمد مري، ڄام منور سمون،حسب الله لغاري،لالا اظهر پٺاڻ ۽ ٻين چيو ته پنجاب پاران سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ لاءِ ڪئنالن اڏڻ جي سازش سنڌ کي ٻاري ڇڏيو آھي جيڪڏھن ان کي فوري طور ختم نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ لاهور ۽ اسلام آباد جو رخ ڪندي پنهنجي حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي عوام کي ڪير به روڪي نه سگهندو، پاڻي اسان جو جياپو آھي ۽ اھو اسان جي نسلن جي بقا جو مسئلو آھي اسان پنهنجي بقا لا۽ آخري دم تائين وڙھنداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.