ميرپوربٺورو( رپورٽ:امتياز علي سومرو)ميرپور بٺورو ۾ نوجوان زئور اتحاد ۽ طبقاتي جدوجھد جي سڏ تي سنڌو درياھ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جبار زئور عثمان زنئور، رشيد آزاد سومرو، سڪندر زنئور ۽ امداد زنئور جي اڳواڻي ۾ شديد گرمي ۾ ڳوٺ عبدالله زئور کان ميرپوربٺورو شهر تائين ھزارين نوجوانن ۽ ڳوٺاڻن جو 12 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ ميرپوربٺورو تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، پيادل مارچ ۾ ڪئنالن جي رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي وڪري خلاف زودار نعرا پڻ هنيا ويا جڏھن ته پيادل مارچ ۾ مقامي ڳوٺ جي ڳوٺاڻن سميت سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،انهي موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنالن جي رٿا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين ، سنڌي قوم سنڌو درياھ جي جياپي لاءِ سجاڳ ٿي چڪي آهي، سنڌ جا سڀ وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن، سنڌين کي پنھنجي زمين تان بيدخل ڪرڻ جي سازش کي ھر صورت ۾ ناڪام بڻائينداسين، هنن چيو ته سنڌو درياھ جو جياپو ئي سنڌي قوم جو جياپو آھي، ڪارپوريٽ فارمينگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون سنڌ جي غريب ھاري مزدور پورھيت کي ڏيڻ بدران ڌارين جي حوالي ڪيون پيون وڃن .