صدر آصف زرداري ڪورونا مان صحتياب ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ) صدر آصف علي زرداري کي صحتياب ٿيڻ تي اسپتال مان موڪل ملي وئي. صدر جي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين موجب، سندس ڪورونا ريپڊ ٽيسٽ ناڪاري آئي. هن چيو ته صدر کي اسپتال مان ڇٽي ملي وئي آهي، کيس ڊسچارج ڪيو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽرن صدر آصف علي زرداري کي وڌيڪ فزيو ٿراپي جي صلاح ڏني آهي. ياد رهي ته صدر کي پهرين اپريل تي طبعيت خراب ٿيڻ تي اسپتال داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.