جاويد جسڪاڻي، چوڌري اسد ۽ ٻين کي پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ، گرفتاري جو حڪم

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ واري هاءِ پروفائل ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ٿي، ٻڌڻي ۾ ايف آءِ اي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص چوڌري اسد خلاف عدالت پاران ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ جي باوجود بنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن تي عدالت پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳوڻي ڊي آءِ جي، اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص سميت مفرور جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حُڪم ڏنو، ٻڌڻي تي حفاظتي ضمانت تي آزاد جوابدار اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي، پير عمرجان سرهندي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فريادي ڌر جي وڪيلن سجاد چانڊيو ته قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻو ايس ايس پي عمرڪوٽ، اڳوڻو سي آءِ اي انچارج، اڳوڻي ڊي آءِ بي انچارج، پير عمرجان سرهندي سميت ٻيا جوابدارن گذريل 6 مهينن کان عارضي ضمانتن تي هلي رهيا آهن جڏهن ته اڳوڻو ڊي آءِ جي ۽ اڳوڻو ايس ايس پي هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿيا اڄ اسان عدالت اڳيان دانهيون ته قتل ۾ نامزد جوابدار 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود عارضي ضمانت تي آزاد آهن انهن جي ضمانتن تي فيصلو ڪيو وڃي، ڪيترو عرصو عارضي ضمانتن تي گھمندا رهندا، عدالت عنايت زرداري ۽ ٻين پاران ٻن ڪيسن جي درج ٿيڻ ۽ ڪيس خارج ڪرڻ جي پٽيشن هاءِ ڪورٽ ۾ هجڻ ۽ ان تي هن وقت تائين ڪو فيصلو نه اچڻ جو جواز ڄاڻائي اڄ به ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته جلد هاءِ ڪورٽ ۾ نئين بينچ تشڪيل ٿئي ته جيئن ان ڪيس جو فيصلو اچي ۽ ڪيس اڳتي وڌي، ايترو عرصو عارضي ضمانت هلڻ ۽ فرار ٿيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ سمجھه کان ٻاهر آهي عام حالتن ۾ ايئن نه ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.