1991ع واري پاڻي ٺاھ ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن. سنڌ واسي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پنجاب جي ريگستان کي سرسبز ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه منجهان پاڻي کنيو ويو ته سنڌ جون زرخيز زمينون تباهه برباد ٿي وينديون. پاڻي ماهر حسن عباس به اهڙا خدشا پئي ظاهر ڪيا آهن ته ايترو پاڻي ئي سنڌو درياهه ۾ ڪونهي جو ان منجهان نوان ڪينال ٺاهي چولستان آباد ڪجي! سنڌ ۾ هن کان اڳ به ڪيتريون ئي تحريڪون ھليون آهن. هڪڙي سياسي تحريڪ ون يونٽ خلاف هئي ۽ ٻي ايم آر ڊي تحريڪ جيڪا جهموريت جي بحالي لاءِ هئي. هن وقت پاڻيءَ جي لاءِ جيڪا تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي اها موجوده دور جي تمام وڏي سياسي هلچل آهي. جن ڏينهن ۾ يونٽ خلاف ۽ ايم آر ڊي خلاف تحريڪون هلي رهيون هيون تڏهن سنڌ ۾ ٽاپ ڪلاس جي سياسي قيادت موجود هئي.
ڏٺو وڃي ته هن وقت ان دور جي سياسي قيادت جي ٻين ۽ ٽين پيڙهي آهي جيڪا جدوجهد ڪري پئي. سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي ۾ سياسي جماعتون، مذهبي جماعتون، کاٻي ڌر جا دوست، شاگرد، وڪيل ۽ آبادگارن جون تنظيمون شامل آهن. جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ هلي رهي هئي تڏهن ميڊيا ايتري طاقتور ڪانه هئي، هن وقت سوشل ميڊيا تمام گهڻي طاقتور آهي. ان جي ڪري سنڌ واسي پنهنجو پاڻي وارو ڪيس روڊن رستن تي احتجاج ڪرڻ کان ويندي سوشل ميڊيا جي سڄي دنيا آڏو رکي رهيا آهن. هن تيز ترين ميڊيائي دور ۾ ڪو به ڪوڙ گهڻو وقت جٽاءُ نٿو ڪري سگهي. سنڌ ۾ سڀ سياسي سماجي، مذهبي ۽ ادبي تنظيمون هڪڙي پاسي آهن ته پ پ پ وري ٻئي پاسي آهي. سنڌ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته خود پ پ پ جي صدر آصف زرداري 8 جولاءِ 2024ع تي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي ڇھن ڪئنالن ڪڍڻ جي منظوري ڏني ھئي. سنڌي ماڻهن جي سخت احتجاج کان پوءِ پ پ پ به ڪينالن خلاف مظاهرا ڪري رهي آهي. پ پ پ قيادت به چئي ٿي ته اسان به ڪينالن خلاف آهيون. سنڌ ۾ مخالف ڌر جون سڀ جماعتون ۽ سنڌ جا ماڻهو پ پ پ تي اعتبار ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪونه آهن. نواز ليگ حڪومت قائم ئي پ پ پ جي ووٽن تي آهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي وارا ڪينالن خلاف آهن ته پوءِ وفاقي حڪومت کان الڳ ٿي وڃن سنڌ دشمن منصوبا پاڻ مرادو ختم ٿي ويندا.
ڊاڪٽر علي احمد رند لکيو آهي ته 2022ع ۾ عمران خان جي حڪومت اڃان ختم ڪونه ٿي هئي زرداري اسٽيبلشمينٽ کي صلاح ڏني هئي ته مون وٽ ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو هڪڙو فارمولو آهي معني ته SIFC ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو زرداري جو خواب هو جيڪو هي 2024ع جي فارم 47 تحت قائم ٿيندڙ حڪومت ۾ پورو ڪرڻ پيو چاهي. سنڌ جو ماڻهو پ پ پ کان ان جي ڪري به بيزاري ظاهر ڪري رهيو آهي. هن وقت تي ته هر هڪ ٽي وي چينل ڇهن ڪينالن واري معاملي تي کلي ڪري بحث ڪرائي رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب پنهنجي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سان پريس ڪانفرنس ڪندي صدر زرداري ۽ پ پ پ قيادت تي الزام هنيو هو ته نيب ڪيسن کان بچڻ لاءِ پ پ پ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪيو آهي. سنڌ واسين کي اميد هئي ته پ پ پ جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي بلاول زرداري ڪينالن جي خاتمي جو اعلان ڪندو ۽ سنڌ جون زمينون دان نه ڪندو پر بلاول زرداري ته ويتر سنڌ ڪينال مخالف سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي دهشتگرد ۽ تخريب ڪار سڏيندو رهيو. بلاول زرداري واضح ڪيو ته اسان وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون. پ پ پ قيادت جي غلط پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري سنڌ انهن جي هٿن مان نڪري چڪي آهي. ٻيو ڪينالن جي حوالي سان پ پ پ وارن جي ڪابه مضبوط راءِ ڪونه آهي ڪڏھن ڪهڙي ڳالهه ٿا ڪن ڪڏهن ڪهڙي. سنڌ ۾ بغير ڪنهن ڪارڪردگي جي کٽي اچڻ هاڻي ته ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 100 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.
سنڌ جيڪا اڳ ئي پاڻي جي بدترين کوٽ کي گذريل ڪيترن سالن کان منهن ڏيندي پئي اچي. سنڌ هڪ نج زرعي خطو آهي. 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪونه ٿو ٿئي ويتر وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت پ پ پ جي سهولتڪاري سان وڌيڪ ڇهھ ڪينال ڪڍڻ ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڇهن ڪينالن ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي زرعي معيشت مڪمل طور تي تباهه/ختم ٿي ويندي. سنڌ ۾ هيڏي وڏي درياهه بچايو تحريڪ کي مسلسل نظر انداز ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي وڪيل برادري ته وفاقي حڪومت کي 12 اپريل تائين جو الٽيميٽم ڏنو آهي ته ڪينالن ٺاهڻ واري هوڏ تان لهي وڃو نه ته سنڌ پنجاب بارڊر بند ڪيو ويندو. ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُالله سڌو ڌمڪين تي لهي آيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪينالن خلاف قومي اسيمبلي ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ڏسجي ته پ پ پ انهن جو ساٿ ڏئي ٿي يا نه؟ سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. چاليهھ کان مٿي سياسي، مذهبي، ادبي جماعتون هڪ ئي پليٽ فارم تان درياهه بچائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪنديون.
ڏٺو وڃي ته هن وقت ان دور جي سياسي قيادت جي ٻين ۽ ٽين پيڙهي آهي جيڪا جدوجهد ڪري پئي. سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي ۾ سياسي جماعتون، مذهبي جماعتون، کاٻي ڌر جا دوست، شاگرد، وڪيل ۽ آبادگارن جون تنظيمون شامل آهن. جڏهن ايم آر ڊي تحريڪ هلي رهي هئي تڏهن ميڊيا ايتري طاقتور ڪانه هئي، .