جان.ڊي: راڪفيلر سينيئر، آمريڪا جو امير ترين شخص رهيو آهي، جنھن آمريڪا جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي هڪ هٽي ڪمپني- اسٽينڊرڊ آئل ڪمپني قائم ڪئي. پر هڪ هٽي قائم ڪرڻ ڪري، ڪمپنيءَ جي ساک، حڪومت وٽ ۽ عوام وٽ ڏينھون ڏينھن ڪرندي ٿي وئي. راڪفيلر پنھنجي هڪ واقفڪار پادريءَ فريڊرڪ. ٽي. گئيٽس سان رابطو ڪيو، جنھن کيس صلاح ڏني ته هو خيراتي ڪم ڪرڻ شروع ڪري. راڪفيلر جو پھريون خيراتي مورچو هو: صحت عامه (Public Health). 1901 ۾ هن راڪفيلر انسٽيٽيوٽ فار ميڊيڪل ريسرچ (RIMR) قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ راڪفيلر يونيورسٽي بڻجي ويو. هڪ ڏهاڪي اندر هي ادارو وچڙندڙ جراثيمي بيمارين (Infectious Disease) جي تحقيق جو مرڪز بڻجي ويو.
1905 ۾ نيويارڪ ۾ ڦھليل گردن ٽوڙ بخار (Meningitis) جو علاج، راڪفيلر اداري جي پهرئين ڊائريڪٽر سمن فليڪسنر (Simon Flexner) ڪاميابيءَ سان ڳولي لڌو. 1909 ۾ هڪ مفت خور جيوڙي – هُڪ ورم (Hookworm) جي پئدا ڪيل بيماريءَ جو علاج ڪرڻ لاءِ راڪفيلر، ”سينيٽري ڪميشن فار دي اِريڊيڪيشن آف هوڪورم ڊزيز“ ڏهه لک ڊالرن سان قائم ڪئي پر پوءِ به بيماريءَ جي پاڙ پٽجي نه سگهي. ان مهم مان راڪفيلر، مستقبل جي گلوبل صحت جي ڪوششن لاءِ هڪ اهم ڳالهه سکي، جيڪا اها هئي ته؛ڪنھن به بيماريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ بھترين ڳالهه ان بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ هوندو آهي، نه ڪي ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ.
ان ڪري تحقيق جي سمورين تجويزن مان لفظ خاتمو ڪڍيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي لفظ ضابطو وڌو ويو.
اهڙي طرح راڪفيلر جو ”بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ“ (Disease Control) جو ماڊل جلد ئي ڇھن کنڊن جي 50 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڦھلجي ويو. 1914 ۾ راڪفيلر فائونڊيشن زرد بخار (Yellow fever) خلاف ڪامياب ويڪسين ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. 1937 تائين اها ويڪسين برازيل جي ڏهه لک ماڻهن کي هنئي وئي.
اهڙي طرح راڪفيلر فائونڊيشن کي بيمارين خلاف ويڙهه ۾ بين الاقوامي مڃتا ملڻ لڳي ۽ ان وسيلن سان ڀرپور آفريڪا ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي حڪومتن سان گڏيل منصوبا ڪرڻ شروع ڪيا. هڪ طرف راڪفيلر جون دوائون ۽ علاج انھن علائقن ۾ ”خيرات“ (Charities) جي صورت ۾ وڃڻ لڳا ته ٻئي طرف انھن علائقن جا توانائي جا ذخيرا راڪفيلر ڀيلڻ لڳو. پوري هڪ صديءَ تائين راڪفيلر انھن علائقن جا توانائيءَ جا وسيلا لٽيندو رهيو، جن فائونڊيشن جي صحت جي پروگرامن تي انحصار ڪيو ٿي. انساني آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ – ڪنھن به حد تائين وڃي سگهجي ٿو. آمريڪي حڪومتي حلقن اندر آباديءَ جي وڌندڙ رجحان بابت تشويش ٿيڻ لڳي۽ ان تي ضابطي آڻڻ لاءِ ڪافي سوچ ويچار ٿيڻ لڳي. ان سلسلي ۾ آبادي گهٽائڻ جي هڪ خطرناڪ انسان دشمن ۽ نسل پرست تحريڪ جنھن کي تاريخ ۾ يوجينڪس تحريڪ (Eugenics Movement) سڏيو وڃي ٿو، شروع ڪئي وئي. ان تحريڪ جو مقصد هو:
چاڪ و چوبند (Fit) آبادي پئدا ڪرڻ، ناچاڪ (Unfit) آباديءَ کي ختم ڪرڻ يعني ڪھڙي انسان کي جيئڻ جو حق آهي ۽ ڪھڙي کي ناهي، اهو فيصلو يوجينڪ تنظيمون ڪرڻ لڳيون. اهي تنظيمون هيون: يوجينڪس رڪارڊ آفيس، دِي بيورو آف سوشل هائيجين ۽ آمريڪي يوجينڪس سوسائٽي، 1910 کان شروع ڪندي راڪفيلر جونيئر 60 لک ڊالر (اڄ جا ڏيڍ ڪروڙ ڊالر) انھن تنظيمن کي ڏنا.
1924 ڌاران هڪ پرو-يوجينڪ عورت اڳواڻ مارگريٽ سئنگر، يوجينڪس متعلق عوامي راءِ هڪ سماجي ضرورت کان هڪ خيراتي ضرورت ڏانھن موڙڻ شروع ڪئي، جنھن لاءِ هن رٿابند ولديت (Planned Parenthood) جي نالي سان هڪ تنظيم ٺاهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ ڪم ڪرڻ لڳي ۽ اڄ به اها آمريڪا ۾ ٻار ڪيرائڻ (Abortion) جون دوائون ۽ طريقا اختيار ڪرڻ جي وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي. (هر اينڊ جانسن: راڪفيلر سينچري).
سئنگر جي نظر ۾ عورت جو پيٽ سان ٿيڻ، هڪ حياتياتي غلامي (Biological Slavery) آهي. ذهني طور معذور عورتن ۽ ڪارين (Black) عورتن ۾ هن ٻار ڪيرائڻ کي همٿايو.
هن آڏو ٻار ڪيرائڻ جون دوائون / طريقا (Contraception) استعمال ڪرڻ ۽ ٻار بند ڪرائڻ/ خسي ڪرڻ (Sterilization) جا نشانا اهي عورتون هيون جيڪي غريب هيون، ڪاريون هيون يا کريل ٻار ڄڻي رهيون هيون. مارگريٽ سئنگر هڪ مقالو لکيو، جنھن جو عنوان هو ”برٿ ڪنٽرول اينڊ دي نيگرو“ جنھن ۾ هن ”ڪاري آباديءَ جي عورتن کي اڻ پڙهيل سڏيو جيڪي اڃان تائين بنا احتياط جي ۽ تباهه ڪُن انداز ۾ ٻار ڄڻي رهيون آهن“. راڪفيلر، سئنگر جي آمريڪن برٿ ڪنٽرول ليگ، برٿ ڪنٽرول ڪلينيڪل ريسرچ بيورو ۽ نيشنل ڪاميٽي آن فيڊرل ليجسليشن فار برٿ ڪنٽرول کي امداد ڏئي ٿو. يوجينڪ تحريڪ آمريڪا ۾ ترقي ڪري رهي هئي، ان کان پوءِ راڪفيلر اهو فيصلو ڪيو ته ان کي گلوبل (يعني سڄي دنيا ۾) ڦھلائجي.
هٽلر جي جرمني ۽ نازي حڪومت هيچ آبادي (Inferior Population) کي صفحِ هستيءَ تان مٽائڻ لاءِ تمام گهڻو سرگرم هئا. هنن جي نظر ۾ آريائي نسل ئي اتم نسل آهي، جنھن کي جيئڻ جو حق حاصل آهي. راڪفيلر جي مھربانين سان نازي سائنسدانن، آمريڪي يوجينڪس کان سڌو سنئون ان نسل ڪشيءَ جي سکيا ورتي.
(ڊيوڊٽرنر: فائونڊيشن آف هولوڪاسٽ آمريڪن يوجينڪس اينڊ دي نازي ڪنيڪشن 2012).
راڪفيلر انڪارپوريشن (Rokfeller Inc.) ڄم روڪ دوائن ۽ شين کي وڪڻڻ جا حق (Distribution Rights) پاڻ وٽ رکي ان مان تمام گهڻو پئسو ڪمائڻ شروع ڪيو.
اهڙي طرح راڪفيلر ادارا هاڻي ڄم ڪنٽرول (Birth Control) (جنھن کي بعد ۾ فيملي پلاننگ/ خانداني منصوبه بندي يا ميٽرنل هيلٿ / ماءُ جي صحت جو نالو ڏنو ويو) مان ناڻو ڪمائڻ لڳا.
راڪفيلر فائونڊيشن اهڙي طرح هڪ نئين شعبي جنسي تحقيق (Sex Research) جو پايو وڌو.
هنن نه رڳو ٻار ڪيرائڻ کي همٿايو پر هنن جنسي بي راهه روي (Promiscuity) تي لڳل سماجي داغن کي مٽائڻ جي به ڪوشش ڪئي. ان اداري معاشري ۾ آباديءَ کي گهٽائڻ جي ڄم روڪ دوائن ۽ اوزارن (Contraceptives) جي فراواني ڪري ڇڏي، ان سان اهڙين شين جي طلب ۾ اضافو ٿيڻ لڳو، جنھن سان راڪفيلر فائونڊيشن کي فائدو ٿيڻ لڳو. راڪفيلر فائونڊيشن، آمريڪي معاشري ۾ هڪ جنسي انقلاب (Sexual Revolution) پئدا ڪري ڇڏيو، جنھن جو هوءَ داد به وٺڻ لڳي.
1941 ۾ جنسن تي تحقيق ڪندڙ هڪ سائنسدان الفريڊ ڪنسي (Alfred Kinsey) کي راڪفيلر فائونڊيشن طرفان ساليانو 40 هزار ڊالر گرانٽ ڏني ٿي وئي.
1960 ۾ راڪفيلر پاپوليشن ڪائونسل، پلانڊ پئرنٽھوڊ سان گڏجي جنس جي نعم البدل طريقن جي تجويز ڏني، جيئن هم جنس پرستي/ ٽين جنس پرستي (Transgenderism) ته جيئن ٻارن جي پئدائش کي گهٽائي سگهجي. ان پروجيڪٽ جي 2030ع تائين امداد 5 ارب ڊالرن تائين پھچي ويندي. اڄ به آمريڪا، جنسي انقلاب جي انھن نقصانڪار اثرن کي ٻارن ڪيرائڻ جي وڌندڙ شرح، جنسي بيمارين جي ڦھلاءَ، طلاقن جي وڏي رفتار ۽ هڪ والد وارن گهرن ۾ واڌ جي صورت ۾ ڀوڳي رهي آهي. هم جنس پرستي (Homosexuality) کي همٿايو وڃڻ لڳو.
سٺي ڪلب (The Good Club) ۽ ڪلب آف روم جيڪي دنيا جي امير ترين ماڻهن جون ڪلبون آهن، دنيا جي آبادي گهٽائڻ لاءِ سرٽوڙ ڪوششون ڪري رهيون آهن.
هيسٽنگ سينٽر ٻار ڪيرائڻ (Abortion) کي قانوني قرار ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن سينٽر 1987 ۾ هــڪ رپــورٽ شائـع ڪئــي جنھن جـو عـنـوان هو “Guidelines on the termination of life-sustaining treatment & the care of the dying” ان طرح سان ان هڪ نئين انساني حق: ”مرڻ جي حق“ لاءِ اخلاقي ۽ قانوني جواز مھيا ڪيو.
ساڳئي سال هن سينٽر هڪ ٻي رپورٽ ”کريل نوان ڄمندڙ ٻار“ جي عنوان سان شائع ڪئي. جنھن ۾ ان پئدائشي جينياتي نقصن وارن ڄمندڙ ٻارڙن جي زندگين کي ختم ڪرڻ جي اخلاقيات تي بحث ڪيو. بل ڪلنٽن آمريڪا جو اهو صدر رهيو آهي، جيڪو اڄ ڏينھن تائين ٻار ڪيرائڻ جو وڏي ۾ وڏو حمايتي آهي. هن فيڊرل ڊرگ ايجنسي (FDA) کي ٻار ڪيرائڻ جي دوا RU-486 جي درآمد مٿان لڳل پابنديءَ جو وري جائزو وٺڻ جو چيو.
1988 ۾ هيسٽنگ سينٽر دِي ايٿڪس آف فيٽل ٽشو ٽرانسپلانٽيشن (The Ethics of Foetal Tissue Transplantation) جي عنوان سان هڪ رپورٽ پڌري ڪئي. اهڙي طرح ان ڪافي تنظيمن لاءِ ضائع ڪيل ٻارڙن جا عضوا، طبي تحقيق لاءِ وڪڻڻ جا دروازا کولي ڇڏيا.
سيپٽمبر 2018 ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) هيسٽنگ سينٽر کي ”انسان – جانور چميرا تحقيق جي اخلاقي سوالن جي اڀياس ڪرڻ لاءِ“ پئسا ڏنا.
2021 ۾ آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) اهو پڌرو ڪيو ته ”چين جي ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرولاجي ۾ ڪئي ويندڙ تجربن لاءِ ان، 2018 ۽ 2019 ۾ هڪ آمريڪي غير نفعي بخش اداري کي امداد ڏني، جن ۾ هڪ غير متوقع نتيجو نڪتو، هڪ اهڙي ڪرونا وائرس جي تخليق جي صورت ۾ جيڪو ڪوئن ۾ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهيو هو“.
هي سينٽر عورتن ۾ پنھنجي مرضيءَ سان نس بندي (Voluntarily Sterilization) ڪرائڻ جي به حمايت ڪري ٿو.