افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ آزادي جو سوال

تحرير: رياض ابڙو 

هاڻي جڏهن آمريڪي فوجون 20 سالن جي قبضي کانپوءِ افغانستان مان نڪري ويون آهن ۽ افغان حڪومت، طالبان جي ڌڙن ۽ علائقائي طاقتن جي وچ ۾ امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ته پوءِ صنفي حق ۽ واسطا به بحال ڪيا وڃن، عورتن کي آزادي جا حق ڏنا وڃن، انهن کي تعليم، سياست ۽ مذهب ۾ حصيداري ڏني وڃي، پر پوءِ به هڪ اهڙو آواز سڀ کان وڌيڪ بلند ٿي رهيو آهي ته افغان عورتن کي سياست ۾ مداخلت ڪرڻ نه ڏيو، امن جون ڪارڪن ٿي رهڻ نه ڏيو، انساني حقن جي محافظ بڻجڻ کان روڪيو ۽ تعليم جي ميدانن ۾ مردن کان پري رکو ان ڪري ته اهي جيڪڏهن مردن جي برابر ٿي ويون يا انهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اهي مرد پوئتي رهجي ويندا، اهڙو رويو طالبان جي اقتدار جي ورهاست ۽ انتظامن جي فيصلو ٿيڻ کانپوءِ پيش ڪيو ويو آهي. طالبان، افغان حڪومت، پاڪستاني، چيني ۽ آمريڪي نمائندا به رڳو هڪ طرف بيٺا پاڻ ۾ هٿ ملائي رهيا هوندا آهن، پر اتي عورت جو هجڻ ممنون ۽ معيوب سمجهيو ٿو وڃي. جڏهن افغانستان جي اڌ آبادي جي نمائندا عورتن کي ٻاهر ڪڍيو پيو وڃي ته پوءِ ان کي ترقي ڪيئن سمجهي سگهجي ٿي؟ ان عدم توازن کي منهن ڏيڻ لاءِ تازو ڪابل ۾ هڪ ”آل وومين پريس ڪانفرنس“ منعقد ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن ۾ پارليامينٽ جي ميمبر فوزيه ڪوفي به شامل هئي. ميري اڪرامي، (افغان عورتن جي نيٽ ورڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جيڪا تنظيم 1996 ۾ بيجنگ UN ورلڊ ڪانفرنس آن وومين کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي) افغان عورتن جي تعليمي مرڪز جي پلوشا حسن (جيڪا تنظيم 1991 ۾ تعليم يافته افغان عورتن جي هڪ گروپ پاران قائم ڪئي وئي هئي) جيڪي اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي علائقن ۾ افغان پناهگيرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪنديون هيون. اهي نمائنده عورتون سڀني افغان عورتن جي اميدن جي نمائندگي ڪن ٿيون، اهي فوري طور تي مستقل ۽ غيرمشروط جنگبندي چاهين ٿيون، عام شهرين جي قتل، ٽارگيٽ ڪلنگ، عورتن جي جنسي غلامي ۽ طالبان سان عورتن کي زبردستي شادي ڪرڻ جي رواج کي ختم ڪرڻ جو به مطالبو ڪن ٿيون.

ويڙهاڪن مان انهن عورتن ۽ انهن جي تنظيمن جا نالا به سرفهرست هجن جن عورتن جي ترقي ۽ بااختياريءَ لاءِ ڊگهي جدوجهد تي زور ڏنو جيڪي افغانستان ۾ عورتن جي اڳواڻي ڪندڙ آهن، انهن کي پوشيده نه رهڻ گهرجي. اهي عورتون سول ۽ سياسي اڳواڻن سان اتفاق راءِ قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو مطالبو به پيش ڪن ٿيون ته امن ڳالهين ۾ صنفي برابري هجڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي آزادي ۾ حيران ڪندڙ ردوبدل ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جيڪڏهن طالبان کي اجازت ڏني وڃي ته هو سڄي ملڪ ۾ زور وٺن. پر ڪجهه عورتون به انهن کي ڊيڄارين ٿيون ته ۽ انهن کي اطمينان ڏيڻ جي باوجود به انهن تي ڀروسو نه ٿيون ڪن. پر انهن نمائنده عورتن تي يقين ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهي ئي آهن جيڪي سڀ کان وڌيڪ ڪوشان آهن ۽ عورتن جي حقن جون پاسدار به آهن. پلوشه حسن موجب طالبان ماضيءَ مان ڪجهه به نه سکيو ۽ اڳي کان وڌيڪ وحشي ۽ بي رحم ٿي پيا آهن. اهي انهيءَ عقيدي تي مست آهن ته هنن جنگ کٽي ورتي آهي، جيتوڻيڪ کين ڪا ڄاڻ ناهي ته رياست کي ڪيئن هلائڻو آهي، هڪ جامع افغانستان ڇا ٿي سگهي ٿو، يا قوم جي تعمير ۾ عورتن جي شموليت جو قدر ڇا ٿي سگهي ٿو. طالبان جي ڪنٽرول هيٺ ڪجهه علائقن ۾ ڇوڪرين کي بلوغت تائين پهچڻ کانپوءِ اسڪول وڃڻ کان روڪيو ويو آهي، جيڪا افغان آئين جي ڀڃڪڙي آهي. رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن ته طالبان پاران حڪم جاري ڪيا ويا آهن ته عورتن کي ڪم نه ڪرڻ گهرجي، بغير محرم جي گهر کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي، اسڪول، نوڪري يا يونيورسٽي نه وڃڻ گهرجي. ان ڏس ۾ عورتن سميت افغان سول اڳواڻ هڪ پيچيده جنگ وڙهي رهيا آهن. پهريون عورتن کي دهشتگردي جي تشدد جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو جنهن افغان عورتن ۽ ٻارن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهچايو. يوناما جي هڪ رپورٽ موجب عورتون ۽ ٻار سڄي شهري جاني نقصان جو 46 سيڪڙو سهن ٿا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ اهي انگ اکر انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا.

 افغانستان جي سيڪيورٽي ۽ ڊفينس ڊپارٽمينٽ موجب افغانستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 عالمي ويڙهاڪ گروپ ڪم ڪري رهيا آهن، جن مان اڪثر علائقائي حاصلات حاصل ڪرڻ لاءِ عام شهرين  تي به حملا ڪندا رهن ٿا. گذريل سالن کان وٺي افغان طالبان ميڊيا سميت، سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي محافظ عورتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو جاري رکيو پيا اچن. پارلياماني ميمبر ۽ مذاڪرات ڪندڙ فوزيه ڪوفي کي 2020 ۾ ٻانهن ۾ گوليون لڳيون هيون، پر هوءَ قاتلاڻي حملي ۾ بچي وئي ۽ دوحه ۾ امن ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ جي چند عورتن مان هڪ هئي جنهن کي گڏجاڻي مان واپس ڪيو ويو هيو. ان مثال مان واضح ٿئي ٿو ته افغان عورتن هن ڏکئي دور ۾ ڪهڙي جرئت سان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. واپس پنهنجي عوامي زندگي ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت لاءِ ڏهاڪن تائين جنگ ۾ رهڻ جي باوجود سخت، قدامت پسند ڪلچر پاران خارج ٿيڻ کانپوءِ به عورتون اڃا تائين وڙهنديون رهيون آهن. پر افغان سماج ۾ اهڙيون تبديليون ٿي رهيون آهن، جن ۾ عورتون خاموش رهڻ کان انڪاري آهن. پلوشا حسن جو چوڻ آهي ته عورتن وٽ 1990 واري ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تجربو آهي ۽ عورتن جي حقن بابت ڪميونٽي ۾ وڌيڪ شعور آهي. عورت هاڻي اشرافيه تائين محدود ناهي، هو هاڻي بنيادي سطح کان وڌيڪ باشعور آهي. جيڪو عورتن جي آزاديءَ جي مڪمل خاتمي جو تصور ڪرڻ جو محرڪ ٿي سگهي ٿو. اهو بهادر افغان عورتن لاءِ نقصانڪار هوندو ۽ انهن جو اهو سڀ ڪجهه وڃائڻ کان انڪار به انهن کي گذريل 20 سالن ۾ خود اعتمادي بخشي ٿو.ان ڪري دنيا کي انهن اڀريل آوازن تي اعتبار ۽ اعتماد ڪرڻ گهرجي، جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيچيده صورتحال بابت ڳالهائي رهيا آهن. هاڻي افغان عورتون پاڻ کي امن ڳالهين ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي ڏسڻ چاهين ٿيون، نه رڳو انهن سڀني ازيتن جي بدلي جيڪي هنن جنگ جي انهن سالن ۾ برداشت ڪيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي هڪ غيريقيني مستقبل کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم ۽ باهمت اڳواڻ ثابت ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.