فيض گنج (رپورٽ: ظھير خاصخيلي) ڪرونڊي ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڊگري ڪاليج ڪرونڊي وٽ تيز رفتار ويگن ۽ ويگو گاڏي وچ ۾ خوفناڪ روڊ حادثو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ چار مسافر فوت ۽ 10 مسافر زخمي ٿي پيا، روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ ويگن ڊرائيور شوڪت ڀٽي نيگرجا واسي مسافر شمس پتافي گهوٽڪي واسي سجاد سيال ظفر آباد واسي ۽عبدالغفار مغل پنو عاقل واسي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته زخمين ۾ گل بهارشيخ، جاويد مغل، الھنور بروهي، مظفر شر، پورل سوچي، محمد رفيق بروهي، خاتون سيال سميت 10 ڄڻا شامل آهن، حادثي بعد علائقي واسين پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت گاڏين ۾ ڦاٿل فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍي فيض گنج جي سرڪار اسپتال ۽ ڪرونڊي جي نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جتي زخمين مان چئين زخمين جي حالت نازڪ هجڻ ڪري نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ، سرڪاري اسپتال ۾ صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪن تائين زخمي اسپتالن ۾ تڙپندا رهيا، جنهن بعد شھري اتحاد جي صدر پاران 1122 ايمبولينس سروس کي ڪال ڪري ايمبولينس گهرائي جنهن بعد زخمين کي نوابشاه منتقل ڪيو ويو فوتين جي سڄاڻپ ٿيڻ بعد سندن وارث سرڪاري اسپتال پهتا جيڪي پنهنجي پيارن جا لاش ڏسي روئندا رهيا، سرڪاري اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن لاش کڻائي ويا، زخمين موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو ، ويگن سکر کان نوابشاهه طرف اچي رهي هئي ويگو نوابشاهه کان سکر طرف وڃي رهي هئي، واضح رهي ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي روزانه روڊ حادثا پيش اچن ٿا لاڳاپيل انتظاميه پاران وڏين گاڏين جي اچ وڃ تي پابندي لاڳو هجڻ باوجود مختلف چوڪن تي مقرر پوليس اهلڪار رشوت وٺي وڏين گاڏين کي اجازت ڏين ٿا جنهن ڪري به روڊ حادثا پيش اچن ٿا، سرڪاري اسپتال ۾ گهربل صحت جون سهولتون نه هجڻ ڪري اڪثر زخمي ٿيل مسافر فوت ٿي وڃن ٿا.